اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) هلندڙ مهيني جي پڄاڻي تي پيٽروليم شين جي اگهن ۾ وڌيڪ لاٿ جو امڪان آهي.
نگران حڪومت طرفان ڊسمبر جي پهرين ٻن هفتن لاءِ تيل اگهن ۾ لاٿ ڪرڻ جو امڪان آهي، جنهن جو سبب عالمي مارڪيٽ ۾ تيل اگهن ۾ گهٽتائي جو رجحان ٻڌايو پيو وڃي.
ان حوالي سان ذريعن جو چوڻ آهي ته نگران حڪومت امڪاني طور تي ڊيزل 20 رپيا في ليٽر سستو ڪري سگهي ٿي، جنهن کانپوءِ ان جي قيمت 260 رپيا في ليٽر تائين اچي ويندي پر پيٽرول جي قيمت مستحڪم رکڻ جو امڪان آهي.
Next Post
You might also like