ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان سپر ليگ جي فرنچائز پشاور زلمي جي مالڪ جاويد آفريدي پنهنجي ٽيم جون ميچون پشاور ۾ ڪرائڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو.
سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ايڪس تي جاري ڪيل بيان ۾ جاويد آفريدي جو چوڻ آهي ته هن ڀيري ميچون پشاور ۾ ڪرايون وڃن.
NO MORE IFS & BUTS
WE NEED ZALMI HOME MATCHES IN PESHAWAR— Javed Afridi (@JAfridi10) November 29, 2023
هن چيو ته هاڻي ڪو به بهانو نه هلندو، اسان جي مداحن جو پورو حق آهي هو پنهنجي ٽيم پشاور زلمي جو تمام ميچون هوم گرائونڊ تي کيڏي.
پي ايس ايل 9 جي ڊرافٽنگ 13 ڊسمبر تي لاهور ۾ ڪرائڻ جو امڪان آهي، جڏهن ته ميگا ايونٽ 8 فيبروري کان 24 هين مارچ تائين کيڏيو ويندو.