ايون فيلڊ ريفرنس ۾ بريت جي فيصلي تي نواز شريف جو ردعمل اچي ويو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ق ليگ قائد نواز شريف ايون فيلڊ ريفرنس ۾ سزا ڪالعدم ٿيڻ تي چيو آهي ته الله جو شڪر آ جو مون سان انصاف ٿيو.
اسلام آباد هاءِ ڪورٽ مان ايون فيلڊ ريفرنس مان بري ٿيڻ کانپوءِ صحافين سان مختصر گفتگو ڪندي نواز شريف چيو ته اڄ مون سان انصاف ٿيو آهي، مان رب پاڪ جو شڪرگذار آهيان، مان پنهنجو معاملو الله تي ڇڏي ڏنو هو ۽ الله پاڪ اڄ مون کي ڪامياب ڪيو.
عمران خان جي جاءِ تي بئريسٽر گوهر اچڻ جي سوال تي هن چيو ته بس اهو ئي قدرت جو نظام آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.