عمران خان انٽرا پارٽي اليڪشن تان هٿ کڻي ويو، بئرسٽر گوهر چيئرمين شپ لاءِ نامزد

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) سينيٽر علي ظفر جو چوڻ آهي ته بئرسٽر گوهر پاڪستان تحريڪ انصاف جي انٽرا پارٽي اليڪشن ۾ چيئرمين جو اميدوار هوندو.
اسلام آباد ۾ سينيٽر علي ظفر جو بئرسٽر گوهر سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان انٽرا پارٽي اليڪشن جو حڪم ڏنو، پي ٽي آءِ جي قانوني ٽيم اليڪشن ڪميشن وئي، ڪميشن انٽراپارٽي اليڪشن تي اطمينان جو اظهار ڪيو هو.
هن چيو ته ڪميشن زباني فيصلو لکت واري فيصلي ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آهي، اليڪشن ڪميشن ويهه ڏينهن اندر انٽرا پارٽي اليڪشن ڪرائڻ جو حڪم ڏنو، اسان ڇنڇر واري ڏينهن پارٽي چونڊ ڪرائينداسين.
علي ظفر چيو ته پي ٽي آءِ چيئرمين ئي اصل پي ٽي آءِ چيئرمين آحي، عمران خان انٽرا پارٽي اليڪشن ناهي وڙهي رهيو پر هن انٽرا پارٽي چونڊ ۽ پي ٽي آءِ چيئرمين لاءِ بئرسٽر گوهر جي نالي جي منظوري ڏني آهي.
ان موقعي تي بئرسٽر گوهر جو چوڻ هو ته پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان جو ٿورائتو آهيان جنهن پارٽي چيئرمين لاءِ سندس نالي جي منظوري ڏني.
هن چيو ته اسان جو نظريو اِهو ئي آهي جيڪو پي ٽي آءِ چيئرمين جو آحي، خان صاحب اسان جو ليڊر آهي ڀلي هو جيل جي اندر هجي يا ٻاهر، جيستائين خان صاحب باعزت واپس نه ٿو اچي ذميواري نڀائيندس.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.