عورت جج کي ڌمڪائڻ جي ڪيس ۾ عمران خان جي بريت جي درخواست خارج

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سيشن عدالت جج کي ڌمڪي جي ڪيس ۾ عمران خان جي بريت جي درخواست خارج ڪري ڇڏي.
ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽس اسلام آباد ۾ سول جج محمد مريد عباس پي ٽي آءِ چيئرمين خلاف عورت جج کي ڌمڪي جي ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، پراسيڪيوٽر رضوان عباسي عدالت جي روبرو پيش ٿيو ۽ دليل مڪمل ڪيا.
عدالت ڌرين جا دليل ٻڌڻ کانپوءِ پي ٽي آءِ چيئرمين جي بريت جي درخواست خارج ڪري ڇڏي.
سول جج مريد عباس فيصلي ۾ چيو ته پي ٽي آءِ چيئرمين عورت جج کي ڌمڪي جي ڪيس ۾ بريت جو حقدار ناهي.
ان کانسواءِ عدالت ڪيس ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين جو ٽرائل شروع ڪرڻ جو فيصلو ڪيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.