مشرف مارشل لا کي قانوني چوندڙ ججن جو به ٽرائل ٿيڻ گهرجي: سپريم ڪورٽ

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ جي جسٽس اطهر من الله اڳوڻي صدر جنرل (ر) پرويز مشرف جي سزا خلاف اپيلن تي ٻڌڻي دوران چيف جسٽس آف پاڪستان سان مڪالمي ۾ چيو آهي ته مشرف مارشل لا کي قانوني چوندڙ ججن جو به ٽرائل ٿيڻ گهرجي.
اڱاري ڏينهن سپريم ڪورٽ ۾ اڳوڻي صدر جنرل (ر) پرويز مشرف جي سزا خلاف اپيلن تي ٻڌڻي ٿي، جنهن دوران 3 نومبر جي ايمرجنسي سان گڏ 12 آڪٽوبر جو ذڪر اچڻ تي چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ ۽ جسٽس اطهر من الله ۾ ڊگهو مڪالمو ٿيو.
چيف جسٽس ماضي مان سبق سکڻ جا ريمارڪس ڏنا ته جسٽس اطهر من الله چيو ماضي ۾ وڃڻو آهي ته پرويز مشرف آئين ٽوڙيو، اسيمبليون ٽوڙيون، هن وقت هن ئي عدالت رستو ڏنو، مشرف مارشل لا کي قانوني چوندڙ ججن جو به ٽرائل ٿيڻ گهرجي، اسان کي سچ ڳالهائڻ گهرجي.
جواب ۾ چيف جسٽس چيو ته ماضي ۾ جيڪو ٿيو، ان کي مان ختم نٿو ڪري سگهان، ڏکڻ آفريقا ۾ اڳتي وڌڻ لاءِ سڀني کي سزا ئي ڏني وئي؟ تاريخ مان سکڻ ۽ سيکارڻ گهرجي.
جسٽس اطهر من الله چيو تاريخ ته پوءِ اها به آهي ته ڪو طاقتور هوندو آهي ته ان خلاف ڪير ناهي ڳالهائيندو ۽ ڪمزور پوڻ تي ان خلاف فيصلو اچي ويندو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.