سپريم ڪورٽ جي ججز انٽري گيٽ سان گاڏي ٽڪرائيندڙ عورت خلاف ڪيس داخل

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسلام آباد ۾ سپريم ڪورٽ جي ججز انٽري گيٽ سان گاڏي ٽڪرائيندڙ عورت خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو.
ڪيس اسلام آباد پوليس جي فرياد تي راولپنڊي واسڻ عورت خلاف داخل ڪيو ويو، سيڪريٽريٽ ٿاڻي ۾ داخل ڪيس ۾ 3 مختلف قلم شامل ڪيا ويا آهن.
ڪيس جي متن موجب راولپنڊي واسڻ عورت جي گاڏي کي چيڪنگ لاءِ ججز انٽري گيٽ تي روڪيو ويو، عورت روڪڻ باوجود گاڏي زبردستي ججز گيٽ کان اندر آندي، عورت گاڏي پبلڪ انٽري گيٽ تي روڪي، ريورس ڪندي بائونڊري وال سان ٽڪرائي ڇڏي.
ڪيس جي متن ۾ چيو ويو آهي ته عورت کي روڪيو ويو ته هن نازيبا لفظ استعمال ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيا، عورت طرفان زبردستي سپريم ڪورٽ ۾ گاڏي داخل ڪرڻ ڏوهه جي زمري ۾ اچي ٿو، گاڏي ۾ هڪ ٻي عورت ۽ ان جا ٻار به هئا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.