پاڪستاني فنڪارن تي پابندي جي درخواست تي ڀارتي سپريم ڪورٽ ڪاوڙيل

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي سپريم ڪورٽ پاڪستان فنڪارن تي هندستان ۾ پابندي لڳائڻ جو مطالبو ڪرڻ واري درخواست کي رد ڪندي چيو ته اها بي بنياد درخواست آهن.
اها درخواست پهريان ممبئي هاءِ ڪورٽ ۾ داخل ڪئي وئي هئي، پر اتان رد ٿيڻ بعد سپريم ڪورٽ ۾ داخل ڪئي وئي.
سپريم ڪورٽ جي جسٽس سنيل بي شڪري ۽ جسٽس فرودش پي پوني والا تي ٻڌل ڊويزنل بئنچ فيض انور قريشي جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي. جنهن ممبئي هاءِ ڪورٽ جي فيصلي کي چئلينج ڪيو ويو هو.
ٻڌڻي دوران وڪيل چيو ته هاءِ ڪورٽ درخواست گذار جي حب الوطني جي تصور تي تنقيد ڪندي فيصلي جي پيراگراف 10 ۾ ڪجهه تبصرا ڪيا آهن.
ان تي بئنچ چيو ته معاف ڪريو، ائين نه ڪريو، اهو اوهان لاءِ هڪ سٺو سبق آهي، ايترا تنگ نظر نه بڻجو.
عدالت وڌيڪ چيو ته ڪنهن کي سمجهڻ گھرجي ته محب وطن هجڻ لاءِ ڪنهن کي پرڏيهي ملڪ رهندڙ ماڻهن، خاص طور تي پاڙيسري ملڪ جي ماڻهن سان دشمني ڪرڻ جي ضرورت ناهي. سچو محب وطن اهو شخص آهي جيڪو بي لوث هجي، جيڪو پنهنجي ملڪ لاءِ وقف ڪري، جيڪو اهو ان وقت تائين نٿو ڪري سگھي جيستائين اهو دل جو سٺو نه هجي.
عدالت پنهنجن ريمارڪس ۾ چيو ته هڪ شخص جنهن جي دل سٺو آهي اهو پنهنجي ملڪ ۾ اهڙي ڪنهن به سرگرمي جي آجيان ڪندو جيڪا ملڪ جي اندر ۽ سرحد پار رقص، آرٽ، موسيقي، راند، ثقافت، امن، هم آهنگي ۽ سڪون وغيرا کي هٿي ڏيندي هجي.
عدالت وڌيڪ چيو ته اهي اهڙيون سرگرميون آهن جيڪي قوميتن، ثقافتن ۽ قومن کان مٿانهيون آهن ۽ حقيقي معنيٰ ۾ ملڪ ۽ قومن وچ ۾ امن، اتحاد ۽ هم آهنگي آندي آڻينديون آهن.
عدالت جو چوڻ هو ته اها درخواست رليف سان گڏ جيڪو ڪجهه چاهي ٿي، اها ثقافتي هم آهنگي، ٻڌي ۽ امن کي هٿي ڏين ڏانهن پوئتي هٽندڙ قدم آهي درخواست ۾ ڪا به قابليت ناهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.