ڪينسر جي 12 قسمن کان بچائيندڙ عادتون

جيڪڏهن ڪو ماڻهو ڪينسر کي منهن ڏئي رهيو هجي ته ان جي مڪمل صحتيابي جو امڪان ته هوندو آهي پر ان صورت ۾ جيڪڏهن ان بيماري جي سڃاڻپ جلد ٿي وڃي، جڏهن ته بيماري جو علاج گھڻو تڪليف ڏيندڙ ثابت ٿي سگھي ٿو.
ڪينسر کي دنيا ۾ موت جو ٻيو وڏو سبب قرار ڏنو ويندو آهي ۽ ان جا ڪجهه قسم سڀ کان وڌيڪ فوتگين جو سبب بڻجندا آهن.
پر سٺي ڳالهه اها آهي ته ڪجهه عام عادتون اختيار ڪري ڪينسر کان بچڻ ممڪن آهي.
اها ڳالهه برطانيا ۾ ٿيل هڪ طبي تحقيق ۾ سامهون آئي.
نيو ڪيسل يونيورسٽي جي تحقيق ۾ ٻڌايو ويو ته 7 عام عادتن کي اپنائڻ سان ڪينسر جي 12 قسمن مان متاثر ٿيڻ جو خطرو نمايان حد تائين گھٽجي ويندو آهي.
تحقيق ۾ ٻڌايو ويو ته جسماني طور تي سرگرم رهڻ، ميون، ڀاڄين، ان ۽ ٻجن تي ٻڌل خوراڪ جو استعمال، فاسٽ فوڊ ۽ گھڻي سڻڀ واري پراسيس خوراڪ جو گھٽ استعمال، ڳاڙهي ۽ پراسيس گوشت جو محدود استعمال، مٺن شربتن جو گھٽ استعمال، الڪوهل کان پاسو ۽ صحتمند جسماني وزن کي برقرار رکڻ سان ڪينسر جي مختلف قسمن مان متاثر ٿيڻ جو خطرو 30 سيڪڙو گھٽجي ويندو آهي.
ان تحقيق ۾ 90 هزار کان وڌيڪ ماڻهن کي شامل ڪيو ويو هو.
تحقيق ۾ اهو تجزيو ڪيو ويو هو ته ورلڊ ڪينسر ريسرچ فنڊ پاران تجويز ڪيل احتياطي تدبيرن سان ان موذي مرض مان متاثر ٿيڻ جو خطرو ڪيترو گھٽجي ٿو.
تحقيق دوران انهن ماڻهن جي خوراڪ، ورزش ۽ جسماني وزن جي جاچ ڪئي وئي ۽ هر فرد کان معلوم ڪيو ويو ته هو انهن هدايتن تي ڪيتري حد تائين عمل ڪن ٿا.
اهڙيءَ طرح اهو به ڏٺو ويو ته 8 سالن دوران ڪيترن ماڻهن جي ڪينسر ظاهر ٿي.
نتيجن مان خبر پئي ته 7 مان جيترين عادتن کي اختيار ڪيو ويندو ڪينسر جو خطرو اوترو گھٽجي ويندو.
هر هڪ عادت کي اختيار ڪرڻ سان ڪينسر مان متاثر ٿيڻ جو خطرو 7 سيڪڙو گھٽجي ٿو.
تحقيق ۾ ٻڌايو ويو ته اهڙيون عادتون اختيار ڪرڻ سان پتي، جيري، بُڪين،خوراڪ جي نالي، لبلبي، مثاني، بريسٽ، ڦڦڙن، مثاني جي غدودن ۽ آنڊن سوڌو ڪينسر جي 12 قسمن کان بچڻ ۾ مدد ملي ٿي.
پر تحقيق ۾ اهو به دريافت ڪيو ويو ته ڪينسر جا ڪجهه قسمن جهڙوڪ مٿي ۽ ڳلي جي ڪينسر جو خطرو ڪنهن حد تائين وڌي ويندو آهي.
محققن موجب اڃا اهو واضح ناهي ٿيو ته اهي عادتون اختيار ڪرڻ باوجود خطرو ڇو ٿو، پر وڌيڪ امڪان آهي ته مٿي ۽ ڳلي جي ڪينسر طرز زندگي جي عنصرن نٿي ٿئي.
ان تحقيق جا نتيجا بي ايم سي ميڊيسن رسالي ۾ ڇپيل آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.