قادرپور (ويب ڊيسڪ) ڪجهه ڏينهن اڳ ساوند سندراڻي تڪرار تان ڳوٺ يار محمد ساوند تي ٿيل حملي جو ڪيس داخل ڪيو ويو.
جان مهمد ساوند جي فرياد تي داخل ٿيل ڪيس ۾ سندراڻي برادري جي 40 ڄڻن کي نامزد ڪيو ويو آهي.
پوليس جو چوڻ آهي ته ٻنهي ڌرين جي هڪ ٻئي تي فائرنگ سبب علائقو جنگ جو ميدان بڻجي ويندو آهي.