لنڊن (ويب ڊيسڪ) برطانيا ۾ پاڻ کي گولي سان مارڻ جي ڌمڪي ڏيندڙ هٿياربند شخص کي پوليس فائرنگ ڪري ماري ڇڏيو.
پرڏيهي ميڊيا موجب اهو واقعو برطانوي شهر ڊيگهنم ۾ پيش آيو، هن شخص پاڻ پوليس کي گهرايو هو، هن پوليس کي ٻڌايو ته وٽس بندوق آهي ۽ پاڻ کي گولي هڻڻ وارو آهي.
ان شخص جي عمر اٽڪل 45 سال ٻڌائي وئي آهي، جنهن تي اطلاع تي فوري طور پوليس پهتي ۽ ان سان ڳالهائڻ جي ڪوشش ڪئي.
ڪيترن ئي ڪلاڪن کانپوءِ جڏهن ناڪامي ٿي ته پوليس طرفان فائرنگ ڪئي وئي، پيرا ميڊڪس ان شخص کي زخمي حالت ۾ کنيو ۽ سندس حياتي بچائڻ جي ڪوشش ڪئي پر ناڪام رهيا ۽ هن زخمن جي سٽ نه سهندي دم ڏئي ڇڏيو.
پوليس موجب جوابدار وٽ هڪ لوڊڊ بندوق هئي، جيڪا پوءِ قبضي ۾ ورتي وئي، واقعي وقت اهو شخص گهر ۾ اڪيلو هو، وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.
You might also like