اسٽيبلشمينٽ سڀني سان گڏ آهي: خورشيد شاهه جو موقف

سکر (ويب ڊيسڪ) پيپلزپارٽي جي اڳواڻ خورشيد شاهه شفاف چونڊن کي اليڪشن ڪميشن لاءِ چيلينج قرار ڏئي ڇڏيو.

سندس چوڻ آهي ته شفاف چونڊون اليڪسن ڪميشن لاءِ وڏو چئلينج آهي، ميان صاحب، اوهان ووٽ کي عزت ڏيو جو نعرو هنيو، پاڻ ووٽ کي عزت ڏيوٿا؟

سکر ۾ احتساب عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته توهان جا ماڻهو چون ٿا ته اسٽيبلشمينٽ توهان سان گڏ آهي ته پي ٽي آءِ چيئرمين کي برو ڇو ٿا چئو؟

هن چيو ته استيبلشمينٽ رڳو اوهان نه پر سڀني سان گڏ آهي.

پ پ اڳواڻ چيو ته ميڊيا ڳالهين کي وڌائي پيش ڪري ٿي، بلاول ڀٽو زرداري ۽ آصف زرداري ۾ ڪو تڪرار ناهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.