محمد شامي انسانيت جو اعليٰ مثال قائم ڪري ڇڏيو!

نينتال ( ويب ڊيسڪ ) ڀارتي ڪرڪيٽر محمد شامي حادثي جي شڪار ڪار سوار جي مدد ڪري اعليٰ مثال قائم ڪري ڇڏيو.
ڀارتي فاسٽ بالر محمد شامي واقعي جي وڊيو پنهنجي انسٽاگرام پروفائل تي پوسٽ ڪئي جنهن ۾ هن نينتال ويجهو ڪار حادثي ۾ بچي ويندڙ همراهه جي مدد ڪندي نظر اچي رهيو آهي.
محمد شامي پوسٽ جي ڪيپشن ۾ لکيو ته نينتال ويجهو هِل روڊ تي منهنجي سامهون اِها گاڏي هيٺ ڪِري جنهن ۾ سوار همراهه کي اسان باحفاظت ٻاهر ڪڍي ورتو، اِهو همراهه خوش قسمت آهي جو خدا کيس ٻي زندگي بخشي آهي.


ياد رهي ته محمد شامي آءِ سي سي مينز ون ڊي ورلڊ ڪپ 2023ع ۾ شاندار ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندي سڀ کان وڌيڪ وڪيٽون حاصل ڪندڙ بالر جو اعزاز حاصل ڪيو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.