ڪاروباري هفتي جي پهرئين ڏينهن سون سوين رپيا مهانگو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ سون جي اگهه ۾ سوين رپيا واڌ ٿي وئي.
آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب 1100 رپيا واڌ کانپوءِ ملڪ ۾ في تولي سون جي قيمت ٻه لک 17 هزار 600 رپيا ٿي وئي آهي.
اهڙي ريت 10 گرام سون 933 رپيا مهانگو ٿيڻ کانپوءِ هڪ لک 86 هزار 577 رپين جو ٿي ويو آهي.
هوڏانهن عالمي مارڪيٽ ۾ سون جو اگهه 8 ڊالر واڌ سان 2 هزار 30 ڊالر في اونس ٿي ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.