ڊيوس ڪپ : جانڪ سنر 47 ورهين کانپوءِ اٽليءَ کي چيمپيئن بڻائي ڇڏيو

اسپين ۾ جاري ٽينس جي ڊيوس ڪپ مقابلن ۾ اٽلي جي جانڪ سنر شاندار ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندي ڊيوس ڪپ ۾ 47 ورهين کانپوءِ اٽلي کي چيمپيئن بڻائي ڇڏيو.
ڊيوس ڪپ جي 123 سالا تاريخ ۾ 1976ع کانپوءِ آسٽريليا جي اليڪس ڊي منارڪو کي شڪست ڏئي جانڪ سنر ٻيو ڀيرو اِهو اعزاز اٽلي جي نالي ڪيو.
ٽينس جي عالمي رينڪنگ ۾ نمبر چار تي رهندڙ جانڪ سنر پنهنجي هفتي جي پڄاڻي پنج ڪاميابين تي ڪيئ جڏهن ته هن ڇنڇر واري ڏينهن سربيا سان واسطو رکندڙ ليجنڊري ٽينس اسٽار نوواڪ جوڪووچ کي سيمي فائنل ۾ شڪست ڏئي فائنل لاءِ ڪواليفاءِ ڪيو هو.
تاريخي فتح تي اٽلي وزيراعظم جارجيا ميلوني جانڪ سنر جي فتح جو جشن پنهنجي ايڪس اڪائونٽ ذريعي ملهايو.


پنهنجي پيغام ذريعي هن لکيو ته تاريخي نتيجو ٽيلنٽ ۽ ڪمٽمينٽ جو مظاهرو ڪرڻ تي پنهنجي رانديگرن ۽ سموري اسٽاف کي واڌايون ڏنيون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.