”چونڊن کان اڳ ڪريڪ ڊائون، فورسز جبري گمشدگين ۽ عدالت کان مٿانهين قتل جون ذميوارقرار“

ڍاڪا ( ويب ڊيسڪ ) مختلف ملڪن ۾ انساني حقن بابت معاملن تي نظر رکندڙ عالمي اين جي او هيومن رائٽس واچ ( ايڇ آر ڊبليو ) جوچوڻ آهي ته بنگلاديش ۾ ست جنوري 2024ع تي رٿيل عام چونڊن کان اڳ مخالف اپوزيشن جماعتن خلاف بدترين ڪريڪ ڊائون ڪيو پيو وڃي.
ايڇ آدر ڊبليو موجب، بنگلاديشي اختيارين، اپوزيشن کي چيڀاٽڻ ۽ مقابلي کان روڪڻ لاءِ گرفتاريون ڪري رهي آهي، بنگلاديش م چونڊن کان اڳ ٿيل ڪريڪ ڊائون دوران هن وقت تائين ڏهه هزار سياسي ڪارڪنن کي گرفتار ڪيو ويو آهي.
ايڇ آر ڊبليو جو چوڻ آهي ته بنگلاديش نيشنلسٽ پارٽي موجب سندن پنجاهه لک ميمبرن مان اڌ خلاف ڪيس داخل ڪيا ويا آهن جڏهن ته بنگلاديش جي جيلن ۾ قيدين جو انگ گنجائش کان ٻيڻو ٿي ويو آهي، ملڪي سيڪيورٽي فورسز وڏي پئماني تي گرفتاريون ڪري رهيون آهن.
هيومن رائٽس واچ جي عهديدار جوليا بليڪنر بنگلاديشي سيڪيورٽي فورسز جي جبري گمشدگين، تشدد ۽ عدالت کان مٿانهين قتل جو ذميوار قرار ڏيندي چيو آهي ته اهڙين حالتن ۾ بنگلاديش ۾ اعتماد جوڳي اليڪشن نٿي ڪرائي سگهجي، حڪومت پاران اظهار جي آزادي کي دٻايو پيو وڃي، انڪري آزاداڻي چونڊ هن وقت ناممڪن آهي .

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.