شهزاد اڪبر لنڊن ۾ مبينا تيزاب حملي ۾ زخمي

لنڊن (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف جي دور ۾ وزيراعظم عمران خان جي خاص مددگار شهزاد اڪبر چيو آهي ته مون تي اڻڄاتل ماڻهن تيزاب سان حملو ڪيو.
شهزاد اڪبر سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل بيان ۾ لکيو ته گذريل رات مون تي حملو ڪيو ويو، اڻڄاتل ماڻهن تيزاب سان حملو ڪيو، حملو برطانيا ۾ منهنجي رهائشگاهه تي ڪيو ويو، جتي مان جلا وطني جي زندگي گهاري رهيو آهيان.
هن چيو ته پوليس ۽ ايمرجنسي سروسز وقت تي پهچي ويون هيون، شڪر آ ته منهنجي گهرواري ۽ ٻار محفوظ رهيا پر مون کي ڪجهه زخم آيا آهن.

سندس چوڻ هو ته منهنجي حالت خطري کان ٻاهر آهي ۽ مان اهڙن حملن کان نه گهٻرائيندس.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.