سنڌيءَ ۾ چوڻي آهي ته رت راڻو آهي، جنهن ماڻهوءَ ۾ رت جي کوٽ هجي ته ان جي صحت مختلف مسئلن جي ور چڙهي ويندي اهي، رت جي کوٽ جا ڪيترائي سبب هوندا آهن جن لاءِ ڊاڪٽر سان رابطو ضرور ڪرڻ گهرجي، گهڻي مقدار ۾ رت جي کوٽ جو رڳو رت جون ٿيلهيون چڙهائڻ ئي حل هوندو آهي پر جيڪڏهن اها ڪهڙي به ننڍڙي سبب جي ڪري کوٽ جو شڪار بڻجي وڃي ته انکي پاڻمرادو طور به سولائيءَ سان قدرتي مقدار تائين پهچائي سگهجي ٿو. اڄ اسان اوهانکي پنج اهڙا سولا کاڌا ٻڌائينداسين جيڪي اوهان جي جسم ۾ رت کي کوٽ ختم ڪرڻ لاءِ اتنهائي اهم ڪردار ادا ڪندا آهن.