1980ع جي نئين سال جي موقعي تي آمريڪي رياست Minnesota ۾ ويلي نيلسن نالي شخص گھر کان ٻاهر نڪرندي ئي ڪنهن شيءِ سان ٽڪرائجي ويو.
اٿڻ کان پوءِ انڪشاف ٿوي ته هو پنهنجي هڪ دوست جي جسم سان ٽرائجي ويو هو جيڪو سندس گھر جي در کان ڪجهه ميٽر پري برف ۾ ڪِريل هئي.
ان دوست دوست جو نالو جين هيليارڊ هو جيڪا پنهنجي گھر واپس اچي رهي هئي ته سندس گاڏي رستي ۾ خراب ٿي وئي.
19 ورهين جي جين (1980 ۾ جين جي عمر) کي ڪوٽ، دستانا ۽ ڪائون بواءِ جوتا پهريل هئا پر انهن سان منفي 30 ڊگري سينٽي گريڊ گرمي پد سان مقابلو ڪرڻ ممڪن نه هو.
اهو ئي سبب هو جو جين پنهنجي دوست کان مدد گھرڻ جو فيصلو ڪيو.
پر ويلي نيلسن جي گھر کان ڪجهه ميٽر پري هوءَ بيهوش ٿي ڪري پئي ۽ 6 ڪلاڪن تائين سندس جسم اتي پيل رهيو.
ايتري عرصي ۾ جسماني گرمائش ختم ٿي وئي ۽ هوءَ برف ۾ ڄمي وئي.
ويلي نيلسن ڪجهه سالن کان پوءِ هڪ انٽرويو ۾ ٻڌايو ته آئون جين جي ڪالر کي پڪتو ۽ گھلي پنهنجي گھر کڻي آيس.
هن چيو ته منهنجو خيال هو ته هوءَ مري چڪي آهي ڇو جو هوءَ ڪنهن تختي کان وڌيڪ سخت ٿي چڪي هئي پر پوءِ آئون کيس نڪ مان ساهه کڻندي محسوس ڪيو.
جيڪڏهن هو ان وقت فوري قدم نه کڻي ها ته جين هيليارڊ هر سال شخت ٿڌ سبب فوت ٿيندڙ ماڻهن جي لسٽ ۾ شامل ٿي وڃي ها.
پر ان عورت جي بچڻ جي ڪهاڻي طبي تاريخ جو حصو بڻجي وئي جيڪا هن وقت به سائنسدانن کي دنگ ڪري ڇڏيندي آهي.
ڪو به فرد برف ۾ جم ڄمي ڪيئن ٿو بچي سگھي؟
سخت ٿڌ کي منهن ڏئي ڪيترائي ماڻهو بچي ويندا آهن ۽ طبي ماهرن موجب ضروري ناهي ته هر فرد گھڻي ٿڌ جي ڪري فوت ٿي وڃي.
حقيقت ۾ ڪيترائي ڀيرا انساني جسم ميٽابولزم کي روڪي جسماني گرمي پد گھٽائي ڇڏيندو آهي ۽ آڪسيجن لاءِ جسماني خواهش کي گھٽائي ڇڏيندو آهي.
پر جين هليارڊ جي ڪهاڻي ان ڪري انوکي آهي ڇو جو هوءَ برف ۾ مڪمل طور تي ڄمي وئي هئي.
سندس اکيون ڄمي ويون هيون ۽ کَل ايتري سخت ٿي وئي هئي جو ان ۾ ڪا سئي داخل ڪئي وئي ته اها ٽٽي پئي.
عورت جو علاج ڪندڙ ڊاڪٽر جارج شيٽر ٻڌايو ته جين جو جسم ٿڌو ۽ مڪمل طور تي ٺوس ٿي چڪو هو، بلڪل ائين جيئن ڊيپ فريزر مان گوشت جي ڪنهن ٽڪر کي ٻاهر ڪڍيو وڃي.
پر گرمائش فراهم ڪرڻ جي ڪجهه ڪلاڪن کان پوءِ جين هيليارڊ جو جسم ٺيڪ ٿيڻ لڳو.
هن جلد ڳالهائڻ شروع ڪري ڇڏيو ۽ ڪجهه ڏينهن ۾ معمول جي زندگي به گذارڻ شروع ڪري ڇڏي رڳو سندس پيرن جا آڱوٺا متاثر ٿيا هئا پر ڪنهن آئيس ڪريم جيان ڄمي وڃڻ کيس ٻي ڪنهن به طرح سان متاثر نه ڪيو.
ماهرن موجب خوش قسمتي سان رت جو جسماني گرمي پد گھڻو نه گھٽيو هو ۽ انهيءَ شيءِ سندس حياتي بچائي ورتي.
جيتري تائين سندس جسم جي ٺوس هجڻ جي ڳالهه آهي ته هائپوٿرميا جي اها هڪ عام علامت آهي جنهن دوران پٺا گھڻا سخت ٿي ويندا آهن.
سندس جسم جي مٿين سطح ٿڌي ۽ اڇي ٿي وئي هئي ۽ اکين به ڄمي ويون هيون پر اهو جسم جي عضون جي فعلن کي برقرار رکڻ لاءِ قدرتي عمل جو نتيجو هوندو آهي ته جيئن ٿڌ ۾ به جسم ڪم ڪندو رهي.
پر طبي ماهرن جو مڃڻ آهي ته جين هيليارڊ گھڻي خوش قسمت آهي جو زندهه بچي وئي هئي نه ته عام طور تي اهڙن ڪيسن ۾ بچڻ جو امڪان نه هجڻ جي برابر هوندو آهي.