ڪراچي (ويب ڊيسڪ)سنڌ جي مختلف شهرن ۾ برسات جو سلسلو ٻئي ڏينهن به جاري رهيو.
گذريل رات سنڌ جي مختلف شهرن ۾ گجگوڙ ۽ کنوڻ سان برسات پئي.
ڪراچي، حيدرآباد، سکر، ٺٽو، ڄامشورو، خيرپور، بدين ۾ به ڪٿي تيز ته ڪٿي هلڪي برسات پئي ۽ اهو سلسلو صبح تائين جاري رهيو.
برسات کانپوءِ هيٺانهين وارا علائقا پاڻي هيٺ اچي ويا جڏهن ته مواصلاتي نظام ڊانوان ڊول ٿي ويو.
ٻئي ڏينهن به ڀان سيد آباد، ڪنري، ٿاڻو بولا خان، ڇاڇرو، چوهڙ جمالي، گهوڙا ٻاري، ٺارو شاهه، شاهپور چاڪر ۾ برسات پئي.
سکر، خيرپور، مٺي، نوشهرو فيروز، هالا، نصرپور، هڱورجا، کيبر، منظور آباد، سنڌڙي ۾ به برسات بعد سيءُ وڌي ويو.
ڊرٻ ميهر شاهه، نيو سعيد آباد، ٽنڊو آدم ۽ ٻين شهرن ۾ برسات سبب ڪڻڪ جي فصلن کي نقصان پهتو.