سنڌ جي تاريخي ماڳ جي کوٽائي دوران هاٿي جا ڏند، ٺڪر جا ٿانو ۽ ٻيون نوادرات هٿ آيون آهن جن کي تحقيق لاءِ آرڪيالوجي ڊپارٽمينٽ حوالي ڪيو ويو آهي.
سنڌ جي تاريخي ماڳ ڀنڀور تي سنڌ جي مختلف يونيورسٽين جي شاگردن، اٽلي جي ماهرن جي ٽيم ۽ سنڌ آرڪيالوجي ڊپارٽمينٽ عملدارن گڏجي کوٽائي جو پنجون مرحلو شروع ڪيو، کوٽائي دوران هاٿي جا ڏند، ٺڪر جا ٿانو ۽ ٻيون نواردات مليون آهن جن کي وڌيڪ تحقيق لاءِ آرڪيالوجي ڊپارنمنٽ حوالي ڪيو ويو آهي.
کوٽائي ڪندڙ ماهرن آگرو فيرس،زاهدان قادري ۽ ٻين ٻڌايو ته کوٽائي دوران انساني هڏا،ٺڪر جا ٿانو،هاٿي جا ڏند مليا ، اهي هاٿي هندستان يا آفريڪا جي ملڪن ٿي سگھن ٿا جڏهن ته زمين اندر دفن ٿيل پراڻي زماني جون شيون مليون به آھن.
هنن چيو ته ڀنڀور جا ڀڙ مٿي هئڻ ڪري تاريخي ڀٽ بڻجي چڪا آھن، ڀٽ جي کوٽائي دوران اڃان وڌيڪ قيمتي شيون پڻ ھٿ اچي سگهن ٿيون،
هنن ٻڏايو ته گذريل سال کوٽائي دوران جانورن جا سڱ، پتل جا سڪا، مٽي جا رانديڪا، جانورن جا هڏا، هاٿي جا ڏندن هڪ 80 ڪلو وزني ڊرم ۽ ٻيون نوادرات هٿ آيون هيون جن تي اڃان تحقيق جاري آھي،کوٽائي دوران مليل نواردات کي آرڪيالوجي ڊپارٽمينٽ حوالي ڪيو آهي ته جيئن خبر پئجي سگھي ته اهي شيون ڪيتريون پراڻيون ۽ شهر ڪيترو قديمي آھي.