ڪراچي (ويب ڊيسڪ) صبح جي وقت اخروٽ کائڻ صحت لاءِ فائديمند ثابت ٿيندو آهي.
اخروٽن ۾ اهم اوميگا ٿري فيتي ايسڊ اي ايل اي هوندو آهي، اخروٽ دل جي صحت لاءِ سٺا آهن ڇو ته هي بلڊ پريشر، ڪوليسٽرول کي گهٽ ڪن ٿا ۽ دل جي صحت کي بهتر بڻائين ٿا.
اخروٽ ۾ ڪيلوريز وڌيڪ هونديون آهن پر انهن ۾ موجود فائبر، پروٽين ۽ سٺو سڻڀ وڌيڪ دير تائين پيت ڀريل رکندو آهي جنهن سان وزن گهٽائڻ ۾ مدد ملندي آهي.
پوليفينول ۽ وٽامن اي سان ڀرپور اخروٽ سوڄ ۽ آڪسيڊيٽيو نقصان کان تحفظ فراهم ڪندو آهي.
اخروٽ بلڊ شگر کي ڪنٽرول ڪري ٽائپ 2 شگر جي شڪار يا خطري ۾ رهندڙن لاءِ مددگار ثابت ٿيندو آهي.
اخروٽ ۾ ڪاپر ضروري معدنيات، ٽامو، ميگنيشيم، فاسفورس ۽ وٽامن اي هوندا آهن.
اخروٽ ۾ جهجهي مقدار ۾ فائبر هوندا آهن جيڪي آنڊن جي صحت لاءِ اهم آهن.