ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي ميئر مرتضيٰ وهاب راشد منهاس روڊ تي مال ۾ باهه جي ڪيس ۾ فائر بريگيڊ کي نامزد ڪرڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو آهي.
گذريل ڏينهن راشد منهاس روڊ تي شاپنگ مال ۾ باهه لڳي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ 11 ڄڻا فوت ٿيا، واقعي جو ڪيس سرڪاري فرياد تي انتظاميا، بلڊر، نقشو منظور ڪندڙ آفيسر ۽ فائر بريگيڊ سان گڏ ڪي اليڪٽرڪ خلاف به داخل ڪيو ويو آهي.
ڪراچي جي ميئر مرتضيٰ وهاب مال ۾ باهه جي ڪيس ۾ فائر بريگيڊ کي نامزد ڪرڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو.
صحافين سان ڳالهائيندي هن چيو ته متاثر مال ڪنٽونمينٽ بورڊ فيصل جي حدن ۾ آهي، ان سان ڪي ايم سي جو ڪو واسطو ناهي.
سندس موجب نقشو ڪي ايم سي يا ايس بي سي اي نه ڪنٽونمينٽ بورڊ منظور ڪيو هو، اوڳاڙيون ڪنٽونمينٽ بورڊ وٺندو آهي، عمارت کي ريگيولرائز به ڪنٽونمينٽ بورڊ ڪيو.
مرتضيٰ وهاب طنز ڪندي چيو ته مان ايف آءِ آر داخل ڪندڙن کي سلام پيش ڪيان ٿو.
Prev Post
Next Post
You might also like