ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي علائقي ملير سٽي ڀرسان هڪ پوليس ڪانسٽيبل جو ڳلو ڪپيل لاش مليو، پوليس اختيارين قتل جي جاچ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.
ڪراچي ۾ ملير سٽي ڀرسان پوليس اهلڪار خالد نسيم جو ڳلو ڪپيل لاش مليو آهي، پوليس اختيارين جو چوڻ آهي ته لاش جي موجودگي جو اطلاع مددگار ون فائيو تي مليو هو.
کوکرا پار واسي مقتول ڪانسٽيبل خالد نسيم سيڪيورٽي زون ون ۾ مقرر هو ۽ واقعي وقت پوليس جي وردي ۾ موجود نه هو.
ملير سٽي پوليس جو چوڻ آهي ته واقعي بابت جاچ جاري آهي.
ايس ايس پي ملير واقعي جو نوٽيس وٺندي ايس پي ملير کي جاچ ڪري رپورٽ ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي.
ايس ايس پي جي ترجمان موجب اطلاع ملڻ تي جڏهن پوليس پهتي ته تلاشي دوران مقتول جي کيسي مان ڪارڊ برآمد ٿيو، جڏهن ته گهر ڀاتين ٻڌايو ته خالد نسيم پنهنجي دوست سان گڏ گمشدگي جي رپورٽ داخل ڪرائڻ کوکرا پار ٿاڻي ويو هو.
You might also like