ڇا اوهان به انسٽاگرام تي پسنديدهه ريلز کي ڪنهن به مونجهاري کانسواءِ ريلز ڊائونلوڊ ڪرڻ چاهيو ٿا؟ ته سٺي اها آهي ته هاڻي سڀني واهپيدارن لاءِ نئون آپشن متعارف ڪرايو ويو آهي جنهن تحت اوهان ريلز کي سولائي سان ڊائونلوڊ ڪري سگھو ٿا.
انسٽاگرام تي جيتونيڪ اڳ کان ئي ڊائونلوڊنگ جو آپشن موجود پر پهريان هر واهپيدار پنهنجي ئي وڊيو ڊائونلوڊ ڪري سگھندو هو.
اهڙيءَ طرح باقي واهپيدار ٻين جي وڊيوز ۽ ريلز جون لنڪس ڪاپي ڪري انهن کي ڊائونلوڊ سافٽ ويئرز تان ڊائونلوڊ ڪري سگھندا هئا پر هاڻي ائين نه ٿيندو.
هاڻي واهپيدار ڪنهن به ريلز کي ڏسڻ کان پوءِ ان کي مرضي موجب سولائي سان ڊائونلوڊ به ڪري سگھندو، يعني هنن کي ڪنهن ٻئي سافٽ ويئر کي استعمال ڪرڻ جي ضروررت نه پوندي.
ٽيڪنالوجي جي خبرن تي نظر رکندڙ ويب سائيٽ دي ورج موجب انسٽاگرام جي سربراههايڊم موسيري انسٽاگرام جي براڊڪاسٽ چينل تي اعلان ڪيو آهي ته هاڻي واهپيدار پبلڪ اڪائونٽس تي پوسٽ ڪيل ريلز کي ڊائونلوڊ ڪري سگھن ٿا.
هن چيو ته پبلڪ اڪائونٽس طرفان پوسٽ ڪيل ريلز کي پنهنجي ڪيمرا رول ۾ ڊائون لوڊ ڪري سگهن ٿا، اوهان جيڪو به ريلز ڊائونلوڊ ڪندئو ان ۾ ريلز بڻائيندڙ انسٽاگرام اڪائونٽ جو واٽر مارڪ به شامل هوندو.
هن وڌيڪ چيو ته اهو فيچر جون ۾ رڳو آمريڪا ۾ متعارف ڪرايو ويو هو پر هاڻي اهو سڀني ملڪن جي واهپيدارن لاءِ متعارف ڪرايو ويو آهي.
سندس چوڻ هو ته پبلڪ اڪائونٽس واهپيدار پنهنجو ريل ڊائونلوڊ ڪرڻ جو فيچر بند به ڪري سگھن ٿا ”جيڪڏهن اوهان کي ڪو ريلز پنسد آهي ۽ ان تي ڊائونلوڊ ڪرڻ جو آپسن موجود ناهي ته ان جو مطلب آهي ته انسٽاگرام اڪائونٽ طرفان فيچر کي بند ڪيو ويو آهي، پر پوءِ به اوهان مخصوص ريلز کي سيو ڪري سگھو ٿا.
انسٽاگرام ريلز وڊيو ڊائونلوڊ ڪرڻ جو طريقو:
1-سڀ کان پهريان پنهنجي انسٽاگرام ايپ کوليو ۽ جنهن ريل کي اوهان ڊائونلوڊ ڪرڻ چاهيو ٿا ان تي ڪلڪ ڪريو.
2-ريل تي شيئر آئڪن تي ڪلڪ ڪريو ۽ ڊائونلوڊ جي آپشن کي ڪلڪ ڪريو.
3-ڊائونلوڊ جي آپشن تي ڪلڪ ڪرڻ بعد مخصوص ريلز اوهان جي فون ۾ سيو ٿي ويندا.
Prev Post
You might also like