ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پ پ عام چونڊن کان اڳ سياسي شخصيتن سان رابطن جو فيصلو ڪري ورتو.
پڌرائيءَ موجب پ پ پارليامينٽيرينز جي صدر آصف زرداري جي هدايت تي چئني صوبن ۾ پارٽي اڳواڻن جون ڪميٽيون جوڙيون ويون آهن.
سنڌ لاءِ ڪميٽي ۾ سعيد غني ۽ ناصر شاهه شامل آهن، جڏهن ته پنجاب ۽ خيبر پختونخواهه لاءِ نيئر بخاري، قمر زمان ڪائرا، فيصل ڪريم، محمد علي باچا، ساجد توري شامل آهن.
بلوچستان لاءِ ڪميٽي ۾ چنگيز خان جمالي، روزي خان ڪاڪڙ ۽ صابر بلوچ کي شامل ڪيو ويو آهي.
ڪميٽي صوبائي سطح تي سياسي شخصيتن سان رابطو ڪندي.
Prev Post
Next Post
You might also like