فوتڻ پاڪستاني عورت جي عطيو ڪيل جيري سان 3 حياتيون بچي ويون

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان جي تاريخ جو انوکو واقعو پيش آيو آهي، جنهن ۾ فوتي عورت جي عطيو ڪيل عضوي 3 حياتيون بچائي ورتيون.
راولپنڊي ۾ قائم سفاري اسپتال جي ڊاڪٽرن فوتڻ پاران عطيو ڪيل بُڪين جي مدد سان ٻن مريضن جا ٽرانسپلانٽ ڪيا جنهن سبب ٻنهي کي نئين حياتي ملي وئي.
فوتڻ عورت رفعت زرتاج جو جيرو پي ڪي ايل آءِ ۾ ٽرانسپلانٽ ٿيو هو، جنهن جي مدد سان عمر خيام نالي مريض جو ٽرانسپلانٽ ڪيو ويو، اهڙيءَ طرح 48 ورهين جي جميل ۽ 50 ورهين جي ميجر رخسانه کي به عورت جي عطيي ڪيل عضون سبب نئين زندگي ملي وئي.
فوتڻ جي ڀاءُ ڊاڪٽر فهد عباس ٻڌايو ته رفعت زرتاج 2012ع ۾ پنهنجا عضوا عطيو ڪرڻ جي وصيت ڪئي هئي.
اسپتال جي وائيس چيئرمين ايئرڪمودور (ر) محمد الياس چيو ته عضوا عطيو ڪندڙ عورت کي ڀيٽا پيش ڪريان ٿو، اسان کي خوشي آهي ته تاريخي ٽرانسپلانٽ ٿيو.
ڊاڪٽر ٻڌايو ته فوتڻ جا عضوا جن مريضن کي لڳايا ويا اهي صحتياب آهن.
هڪ مريض احسن جميل ٻڌايو ته آئون 10 سالن کان بُڪينجي مرض ۾ مبتلا هيس جڏهن ته مريضه رخسانا چيو ته سڀ کي گھرجي ته هو پنهنجي عضوا عطيو ڪرڻ جي وصيت ڪري.
سفاري اسپتال جي ايڊمنسٽريٽر حڪومت کي اپيل ڪئي ته اها عضوا عطيو ڪرڻ جي عمل جي حوصلا افزائي ڪري ته جيئن غير قانوني پيوندڪاري جي ڌنڌي کي روڪي سگھجي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.