رنبير ڪپور جي فلم اينيمل جو ٽريلر رليز ٿيندي ئي ٿرٿلو مچي ويو

ممبئي (ويب ڊيسڪ) رنبير ڪپور جي نئين فلم ”اينيمل“ جو ٽريلر رليز ٿيندي کي ٿرٿلو مچائي ڇڏيو، ايڪشن سان ڀرپور ان ٽريلر ۾ رنبير ڪپور کي نئين انداز ۾ ڏٺو ويو آهي، پر ٽريلر جي آخر ۾ بوبي ديول جي انٽري به ڌم مچائي ڇڏي آهي.
فلم ۾ رنبير ڪپور کي مرڪزي ڪردار جي طور تي ڏيکاريو ويو آهي، جنهن جو واحد مقصد پنهنجي پيءُ (انيل ڪپور) جي محبت سندس حمايت حاصل ڪرڻ آهي.
جڏهن ته ٽريلر ۾ بوبي ديول کي هڪ پراسرار ڪردار ولن جي رول ۾ ڏيکاريو ويو آهي.

 

View this post on Instagram

 

A post shared by Bobby Deol (@iambobbydeol)

ٽريلر ۾ بوبي ديول جو ڪو به ڊائلاگ ناهي پر هو پوءِ سندس اداڪاري کي ساراهيو پيو وڃي.
ايڪس تي جاري ٿيل ٽريلر جي ان ننڍي حصي ۾ بوبي جي ڪردار بابت گھڻيون پوسٽون ڪيون پيون ڪيون ويون.
ڪجهه اڳڪٿيون آهن ته بوبي ديول فلم ۾ گونگي ولن جو ڪردار ادا ڪندو.
ٽريلر ۾ بوبي ۽ رنبير ڪپور وچ ۾ سخت ويڙهه جو سلسلو مڪمل طور تي ڌار فين بيس رکي ٿو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.