پاڪستان ريلويز کي شمسي توانائي تي منتقل ڪرڻ جي تياري

لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ريلويز کي خرچ گهٽائڻ ۽ دستياب ٽيڪنالاجي استعمال ڪرڻ لاءِ شمسي توانائي جي نظام تي منتقل ڪيو پيو وڃي.
پاڪستان ريلويز آفيشل ايڪس هينڊل تي اعلان ڪيو آهي ته اهي نجي شعبي جي مدد سان سولر پئنل ڏانهن وڌي رهيا آهن ۽ ان معاملي ۾ جلد ئي تجويزون طلب ڪيون وينديون.
تازو پاڪستان ريلويز مسفارن ۽ ٽرين ڊرائيورن جي آساني لاءِ ٻه ايپڪيشنز ”ڊجيٽل ريلوي ڊرائيونگ سسٽم ۽ ”آر اي بي ٽي اي“ به لانچ ڪيون، جيڪي جديد ترين ٽيڪنالاجي اختيار ڪرڻ جو عزم ظاهر ڪن ٿيون.
شمسي توانائي تي منتقلي جي منصوبي تحت 40 ملين رپين جي لاڳت سان 45 ريلوي اسٽيشنز ۽ پشاور، راولپنڊي، لاهور، ملتان، سکر ۽ ڪراچي ڊويزن جي آفيسن ۾ سولر پئنل لڳايا ويندا.
پهرئين مرحلي ۾ پاڪستان ريلويز پشاور ۾ 3، راولپنڊي ڊويزن ۾ 5، لاهور ڊويزن ۾ 20، ملتان ڊويزن ۾ 4، سکر ڊويزن ۾ 5، ڪوئيٽا ڊويزن ۾ 5 ۽ ڪراچي ڊويزن ۾ 5 پوائنٽن جي چونڊ ڪئي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.