”8 فيبروري تي نواز شريف چوٿون ڀيرو وزيراعظم بڻجندو“

سيالڪوٽ (ويب ڊيسڪ) ن ليگ اڳواڻ خواجا آصف چيو آهي ته نواز شريف کي مِٽائڻ وارا پاڻ مٽي ويا، منهنجو ايمان هو ته منهنجو قائد واپس ايندو، 8 فيبروري تي نواز شريف چوٿون ڀيرو وزيراعظم بڻجندو.
سيالڪوٽ ۾ ورڪرز ڪنوينشن سان خطاب ڪندي خواجا آصف چيو ته نواز شريف منهنجي 34 ورهين جي ڪيريئر دوران سرپرستي ڪئي، هن سدائين مون کي عزت ڏني آهي.
هن چيو ته مان سياسي سفر 1991 ۾ شروع ڪيو ۽ ايتري عرصي ۾ وفاداري ۾ فرق نه آيو، هڪ شخص جي پارٽي ۾ پارٽي ڇڏيندڙن جي لائن لڳل آهي.
سندس موجب مان اسيمبلي ۾ چيو هو ته منهنجو قائد موٽندو، نواز شريف کي مٽائڻ جي ڪوشش ڪندڙ پاڻ مٽي ويا، 8 فيبروري تي نواز شريف چوٿون ڀيرو وزيراعظم بڻجندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.