نبيل جو پنهنجي مداح سان شادي جو انڪشاف

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان جي مشهور اداڪار، پروڊيوسر ۽ هدايتڪار نبيل ظفر انڪشاف ڪيو آهي ته هن آٽو گراف وٺڻ لاءِ آيل پنهنجي مداح سان شادي ڪئي هئي.

هڪ شو دوران هن ٻڌايو ته 2009 ۾ مالي مسئلن جو شڪار هيس، خرچ پورا نه ٿي رهيا هئا، اوڌر وٺي ڊرامو بلبلي ٺاهيو هو.

هن ٻڌايو ته منهنجي زال منهنجي مداح هئي، منهنجي پنهنجي زال سان پهرين ملاقات اسڪاٽ لينڊ جي شهر گلاسگو جي ريلوي استيشن تي ٿي هئي.

هن چيو ته زال آٽو گراف وٺڻ آئي هئي جتي اسان جي محبت جي ڪهاڻي شروع ٿي، پوءِ مان کيس نڪاح نامي تي آٽو گراف ڏنو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.