پشاور (ويب ڊيسڪ) پشاور پوليس ميڊيڪل اينڊ ڊينٽل ڪاليج ايڊميشن ٽيسٽ (ايم ڊي ڪيٽ) لاءِ سيڪيورٽي پلان تيار ڪري ورتو.
اختيارين جو چوڻ آهي ته 26 نومبر تي ٿيندڙ ايم ڊي ڪيٽ ٽيسٽ دوران پشاور پوليس جا تقريبن 250 آفيسر ۽ جوان سيڪيورٽي جا فرض انجام ڏيندا.
ايس پيز جي نگراني ۾ اي ايس پيز، ڊي ايس پيز، ايس ايڇ اوز، ليڊيز پوليس به موجود هوندي، جڏهن ته امتحاني هال جي سيڪيورٽي لاءِ بي ڊي يو، سنيفر ڊاگ ۽ واڪ رٿو گيٽ به موجود هوندو، جتي شاگردن جي تلاشي ورتي ويندي.
اختيارين موجب امتحاني مواد جي پهچ وقت به پوليس اهلڪار سيڪيورٽي تي مقرر هوندا، امتحاني هال ۾ مک گيٽ تي واڪ ٿرو گيٽ، بي ڊي يو، سنيفر ڊاگ ۽ آفيسر ۽ اهلڪار مقرر هوندا.
ان کانسواءِ پتو لڳائيندڙ ڪتن کان علائقي جي سوئيپنگ ۽ امتحاني هال جي احاطي ۾ ٽريفڪ جي رواني به يقيني بڻائي ويندي، جنهن لاءِ ٽريفڪ پلان جوڙيو ويو آهي، جڏهن ته جيمرز لڳائي موبائل فون سگنل معطل ڪيا ويندا.
You might also like