ٽريوس هيڊ کي آءِ پي ايل ۾ نه کيڏائڻ پٺيان ڪهڙو سبب آهي؟

ڪينبرا ( ويب ڊيسڪ ) اڳوڻي آسٽريلوي ڪپتان رڪي پونٽنگ انڊين پريميئر ليگ ( آءِ پي ايل ) ڊرافٽ ۾ ٽريوس هيڊ کي شامل نه ڪرڻ جو سبب ٻڌائي ڇڏيو.
پرڏيهي خابرو اداري موجب، اڳوڻي آسٽريلوي ڪپتان رڪي پونٽنگ انڪشاف ڪيو ته ٽريوس هيڊ کي آءِ پي ايل فرنچائز دهلي ڪيپيٽلز جي ٽيم اسڪواڊ ۾ شامل ڪرڻ جو خواهشمند هئي، پر سندس شادي جي پروگرام ۽ وچ ۾ايونٽ ڇڏڻ سبب مالڪن خريدڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.
رڪي پونٽنگ چيو ته ٽريوس هيڊ جي آءِ پي ايل جي شروع ٿيڻ کان رڳو ٻن هفتن کانپوءِ شادي آهي جنهن سبب هن ٽورنامينٽ جو حصو بڻجڻ کان معذرت ڪئي.
ياد رهي ته آءِ سي سي ورلڊ ڪپ فائنل ۾ ٽريوس هيڊ 137 رنسن جي اننگز کيڏي هئي ۽ ڀارت خلاف آسٽريليا جي فتح ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.