ڪراچي کانپوءِ هڪ ٻئي شهر جا پوليس اهلڪار به ڦر ۾ ملوث نڪتا

ڪوئيٽا (ويب ڊيسڪ) ڪراچي کانپوءِ ڪوئيٽا ۾ به پوليس اهلڪار ڦر ۾ ملوث نڪتا، مني چينجر جي دڪان تان 18 لک رپين جي ڦر ڪئي وئي.
ڪوئيٽا جي بخاري سينٽر ۾ مني چينجر جي دڪان تان 18 لک رپين جي ڦر ۾ پوليس اهلڪار ملوث نڪتا.
واردات گذريل ڏينهن ٿي هئي، دڪاندار ڦر جي الزام ۾ هڪ شخص کي پڪڙي پوليس حوالي ڪيو هو.
پوليس ٻڌايو ته پڪڙيل شخص شهيد خالق آباد ٿاڻي جو هيڊ محرر اقبال آهي، جڏهن ته ٻه ساٿي ڪانسٽيبل سيف الله ۽ هدايت الله 18 لک رپيا کڻي فرار ٿي ويا هئا، جن جي گرفتاري لاءِ ڪوششون ڪيون پيون وڃن.
گرفتار هيڊ محرر ۽ ان جي ٻه فرار ساٿين کي معطل ڪيو ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.