ڀارت-آسٽريليا سيريز، رنڪو جي ڇڪي جي ڪا به اهميت ناهي: آءِ سي سي

دبئي (ويب ڊيسڪ ) آسٽريليا خلاف پنج ٽي ٽوئنٽي ميچن جي سيريز جي پهرين ميچ ۾ ڀارت ٻن وڪيٽن تان ڪاميابي حاصل ڪئي هئي.

پهرين ٽي ٽوئنٽي ميچ ۾ آسٽريليا جي 209 رنسن جي هدف پٺيان ڊوڙندي انتهائي سخت مقابلي بعد رنڪو سنگهه ڇڪو هڻي ميچ ڀارت جي نالي ڪئي هئي. پر سندس اِهو ڇڪو شمار نه ٿيو ڇو ته نو بال جي ڪري هڪ رنس ملڻ سبب ڀارت کي فاتح قرار ڏنو ويو.

مٿي ڄاڻايل فيصلو آءِ سي سي جي قاعدن سبب ڪيو ويو، رنڪو 14 بالن تي 22 رنسون ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيو.

آءِ سي سي شق 41.17.2  تحت جيئن ته نو بال ٿيندي ئي ڀارت ميچ کٽي چڪو هيو، انڪري ان کانپوءِ ٺهندڙ رنسن جي ڪا به اهميت نه آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.