اله آباد (ويب ڊيسڪ) چونيان ۾ ڪنگن پور جي مهاڻي ستلج درياهه مان 6 فوٽ ڊگهي ۽ 110 ڪلو وزني مڇي پڪڙي ورتي.
ڪنگن پور جي مهاڻي تي قدرت مهربان ٿي وئي، مهاڻي ستلج درياهه مان 6 فوٽ ڊگهي ۽ 110 ڪلو وزني مڇي پڪڙي وريتي ۽ مڇي کپائڻ لاءِ لاهور روانو ٿي ويو.
مهاڻي ٻڌايو ته اڄ ڏينهن تائين ايتري وزني مڇي ناهي پڪتي، پهريون ڀيرو ستلج درياهه مان ايڏي وڏي ۽ وزني مڇي پڪتي وئي آهي.
واضح رهي ته ڪراچي ۾ ابراهيم حيدري جي مهاڻن جي ڄار ۾ به ڪروڙين رپيا ماليت جون ناياب مڇيون ڦاسي پيون هيون.
You might also like