اڳوڻي ڀارتي ڪرڪيٽر تي ٺڳي جو الزام، ڪارروائي جو حڪم

ممبئي ( ويب ڊيسڪ ) اڳوڻي ڀارتي فاسٽ بالر ايس سريسانٿ خلاف فراڊ جي الزام هيٺ ڪيس داخل ڪرايو ويو آهي.

پرڏيهي خابرو اداري موجب، اڳوڻي ڪرڪيٽر ايس سريسانٿ سميت وڌيڪ ٻن ڄڻن تي ڪيرالا جي رهواسي ٺڳي جو الزام لڳايو آهي،

شهري طرفان داخل ڪرايل ايف آءِ آر ۾ چوڻ آهي ته اسپورٽس اڪيڊمي ۾ ڀائيواري جو واعدو ڪري پئسا هڙپ ڪيا.

ڪيس ۾ وڌيڪ ڄاڻايو ويو آهي ته رجيو ڪمار ۽ وينڪٽيش ڪني 18 لک رُپين جي ماليت کان وڌيڪ رقم ورتي ۽ چيو ته سندس نالي تي هڪ ريزورٽ ۾ عمارت تعمير ڪئي ويندي جڏهنته شڪايت ڪندڙ کي اسپورٽس اڪيڊمي ۾ ڀائيوار بڻائڻ جو واعدو پڻ ڪيو ويو، اهو منصوبو اڳوڻي ڪرڪيٽر ايس سريسانٿ ذريعي شروع ٿيڻو هو.

ايف آءِ آر موجب، سريسانٿ ۽سندس ساٿين اسپورٽس اڪيڊمي لاءِ عمارت جو اڏاوتي ڪم شروع ڪيو نه ئي رقم واپس ڪئي.

ڀارتي ميڊيا موجب، ڪيس داخل ٿيڻ تي مئجسٽريٽ ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي ۽ الزامن تي جاچ جو حڪم ڏنو آهي.

ٻئي پاسي اڳوڻي ڪرڪيٽر سريسانٿ واقعي کان اڻڄاڻائي جو اظها رڪندي چيو ته سندس ان معاملي سان ڪو واسطو نه آهي پر خاطري ڪرايان ٿو ته انهن ماڻهن خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.