عماد جي رٽائرمينٽ تي ذڪاءَ اشرف جو ردعمل

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) عماد وسيم جي انٽرنيشنل ڪرڪيٽ تان رٽائرمينٽ تي پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي مئيجمينٽ ڪميٽي جي چيئرمين ذڪاءَ اشرف پنهنجي ردعمل جو اظهار ڪيو آهي.

گذريل ڏينهن عماد وسيم سوشل ميڊيا تي انٽرنيشنل ڪرڪيٽ تان رٽائرمينٽ جو اعلان ڪندي پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ ۽ پنهنجي چاهيندڙن جا ٿورا مڃيندي چيو ته تمام گهڻي سوچ ويچار کانپوءِ فيصلو ڪيو ته عالمي ڪرڪيٽ تان رٽائرمينٽ جو هي صحيح وقت آهي.

عماد وسيم جي رٽائرمينٽ تي ذڪاءَ اشرف اڳوڻي ڪرڪيٽر جي پاڪستان لاءِ خدمتن کي ساراهيندي چيو ته سندس کوٽ محسوس ڪئي ويندي.

ذڪاءَ اشرف سندس روشن مستقبل لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪندي چيو ته عماد وسيم جي وائٽ بال ڪرڪيٽ ڪارڪردگي ٽيم ۾ ڪاميابي لاءِ ڪارائتي رهي پر سندس فيصلي جو احترام ڪيا ٿو ۽ پي سي بي جي مئنيجمينٽ ڪميٽي طرفان سندس پاڪستان لاءِ خدمتن تي ٿورائتو آهيان.

عماد وسيم 2015ع ۾ پاڪستان لاءِ ڊيبيو ڪيو، هن 55 ون ڊي ۽ 66 ٽي ٽوئنٽي ميچن ۾ ملڪ جي نمائندگي ڪندي مجموعي طور 109 وڪيٽون ۽ 1472 رنسون اسڪور ڪيون.

عماد وسيم 2017ع واري چيمپيئنز ٽرافي کٽڻ واري ٽيم جو حصو رهيو، ان کانسواءِ  هن ٽي ٽوئنٽي  ورلڊ ڪپ 2016ع ون ڊي ورلڊ ڪپ 2019 ۽ 2021 واري ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ به کيڏيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.