عام چونڊون: ايم ڪيو ايم ن ليگ کي صاف انڪار ڪري ڇڏيو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ايم ڪيو ايم ن ليگ کان روايتي سيٽن تي سيٽ ايڊجسٽمينٽ کان معذرت ڪري ورتي.
ذريعن موجب ڪراچي ۾ ايم ڪيو ايم ۽ ن ليگ اڳواڻن جي ملاقات ٿي، جنهن ۾ عام چونڊن ۾ سيٽ ايڊجسٽمينٽ ۽ صوبي ۾ سياسي اتحاد تي گفتگو ڪئي وئي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته ايم ڪيو ايم ن ليگ کان ڪراچي ۾ متحده جي روايتي سيٽن تي سيٽ ايڊجسٽمينٽ کان معذرت ڪري ڇڏي پر لياري، ڪياماڙي ۽ ملير جي ڪجهه تڪن تي سيٽ ايڊجسٽمينٽ لاءِ رضامندي ظاهر ڪئي آهي.
حيدرآباد ۾ قومي اسيمبلي جي ٻن سيٽن تي ايم ڪيو ايم پنهنجو اميدوار آڻڻ تي زور ڏنو آهي، جڏهن ته ميرپورخاص، نواب شاهه، سکر، لاڙڪاڻي ۽ ٽنڊي الهيار جي سيٽن تي ايم ڪيو ايم ڳالهائڻ لاءِ راضي آهي.
ن ليگ جو موقف آهي ته جنهن سيٽن تي ايم ڪيو ايم کي 20 کان 25 هزار ووٽ مليا، اتي اها ن ليگ کي سپورٽ ڪري.
ذريعن موجب اهي تجويزون ٻنهي پارٽين جي قيادت سامهون رکيون وينديون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.