چونڊن کان اڳ ن ليگ کي وڏو ڌڪ

لاهور (ويب ڊيسڪ) دهشتگردي ٽوڙ عدالت ن ليگ اڳواڻ مريم اورنگزيب جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا.
لاهور جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ مريم اورنگزيب سميت ٻين خلاف چڙ ڏياريندڙ گفتگو ڪرڻ جي ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، ڪيس ۾ جاويد لطيف به نامزد آهي، جنهن اڄ پيش ٿي پنهنجي حاضري مڪمل ڪرائي.
مريم اورنگزيب گذريل ڏينهن ٻڌڻي تي عدالت ۾ پيش نه ٿي هئي ۽ هن حاضري کان ڇوٽ جي درخواست ڪئي هئي پر هوءَ هن ٻڌڻي تي به پيش نه ٿي سگهي، جنهن تي عدالت سندس ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا.
عدالت جاويد لطيف جي پيش ٿيڻ تي سندس ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ رد ڪري ڇڏيا ۽ ٻڌڻي 9 ڊسمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.