ڪراچي (ويب ڊيسڪ) موسميات کاتي ڪراچي ۾ آنڌاري، گجگوڙ ۽ کنوڻ سان گڏ برسات جي اڳڪٿي ڪري ڇڏي، برسات کان پوءِ ڪراچي ۾ ٿڌ جي شدت وڌندي.
موسميات کاتي موجب سياري جو پهريون سسٽم وسڻ لاءِ تيار آهي، بلوچستان ۾ اڄ رات کان اولهه هوائن جو نئون سلسلو شروع ٿيڻ جو امڪان آهي.
موسميات کاتي چيو آهي ته سسٽم 25 کان 27 نومبر تائين سنڌ کان ڪشمير تائين ملڪ جي سمورن حصن کي متاثر ڪندو، خيبرپختونخواههه ۽ ڪشمير جي جابلو علائقن ۾ برفباري ٿيندي.
موسمياتي کاتي ڪراچي ۾ برسات جي اڳڪٿي ڪندي چيو ته سسٽم جي اثر هيٺ ڪراچي ڊويزن ۾ سڀاڻي رات جو ۽ آچر تي آنڌاري، گجگوڙ ۽ کنوڻ سان گڏ برسات جو امڪان آهي، برسات کان پوءِ ڪراچي ۾ ٿڌ جي شدت وڌندي.
موسميات کاتي موجب برساتن کان اڳ ڪجگوڙ ۽ کنوڻ سان گڏ آنداري جو به امڪان آهي، امڪاني برسات کان پوءِ هوائي گدلاڻ جي صورتحال ۾ بهتر اچڻ جي اميد آهي پر ايندڙ 2 ڏيهن ۾ ڪراچي ۾ گھٽ ۾ گھٽ گرمي پد 17۽ وڌ کان وڌ 33 ڊگري تائين رهڻ جو امڪان آهي.
ٻي پاسي ملڪ جي ملڪ جي گھڻن علائقن ۾ موسم ٿڏي ۽ خشڪ رهندي جڏهن ته پنجاب، ڪي پي ڪي ۽ سنڌ جي ميداني علائقن ۾ صبح جي وقت ڪوهيڙي جو امڪان آهي.
پنجاب جي گھڻن ضلعن ۾ موسم ٿڌي ۽ خشڪ رهندي پر صبح جي وقت ۾ سيالڪوٽ، لاهور، گوجرانوالا، نارووال، سرگوڌا، اوڪاڙا، ساهيوال، فيصل آباد ۾ ڪوهيڙو رهندو.
سنڌ جي مٿانهن ضلعن ۾ به هلڪو ڪوهيڙو ۽ ڪجهه ضلعن ۾ اسموگ رهٿڻ جو امڪان آهي جڏهن ته ڪشمير ۽ گلگت بلتستان ۾ موسم ٿڌي ۽ خشڪ رهندي.
You might also like