ڪراچي (ويب ڊيسڪ) گهوٽڪي ۾ عام چونڊن کان اڳ مهر ۽ ڄام گروپ ۾ اختلاف تيز ٿي ويا آهن.
مختلف يوسيز جي گڏجاڻين ۽ جلسي جي موقعي تي موقعي تي علي نواز عرف راجا مهر جو چوڻ هو ته ڄام سيف الله ڌاريجو منهنجي خلاف اليڪشن وڙهڻ جي تياري پيو ڪري، جيڪڏهن هن اليڪشن وڙهي ته سندس ڀاءُ اڪرام الله ڌاريجو کي پنو عاقل واري تڪ تي ٽڪيٽ نه ملندي.
هن چيو ته ڄام ڀائرن کي شوق آهي ته پارٽي ڇڏي اچي اسان جي سامهون بيهن، کين گهرجي ته پارٽي جي فيصلي کي مڃين.