سکر ۾ پريا ڪماري ۽ ٻين مغوين جي آزادي لاءِ 51 هين ڏينهن به احتجاج

سکر (رپورٽر) سکر ۾ مغوين جي آزادي لاءِ احتجاجي تحريڪ کي 51 ڏينهن مڪمل ٿي ويا، پوليس سميت ڪنهن به سرڪاري نمائندي  رابطو نه ڪيو، انساني حقن جون تنظيمون به خاموش رهيون، سکر پريس ڪلب اڳيان  پريا ڪماري رھائي ڪميٽي پاران معصوم نياڻي پريا ڪماري، علي اصغر منڱريو, اسلام الدين سومرو ،علي حسن ميمڻ سميت سنڌ مان اغوا ٿيل سمورن مغوين جي بازيابي لاءِ احتجاج کي 51  ڏينھن مڪمل ٿي ويا، احتجاجي ڪئمپ تي سول سوسائٽي جي سجاد جاگيراڻي، هشمت جاگيراڻي ۽ ٻين پاران ٻڌي جو اظهار ڪيو ويو، احتجاجي تحريڪ جي اڳواڻي ڪندڙ ڊاڪٽر نظير کوکر، مخدوم بلاول، محمد اعظم مڱريو، جاويد سولنگي ۽ ٻين چيو ته اسان جي احتجاج کي 51 ڏينهن مڪمل ٿي چڪا آهن پر سکر جو ڊي آءِ، سکر، خيرپور ۽ نوشهري فيروز جي پوليس اغوا ٿي ويل پريا ڪماري، علي اصغر منڱريو، اسلام  الدين سومرو، ۽ علي حسن ميمڻ جي بازيابي لاءِ  ڪي به ڪوششون ناهن ورتيون غريب عوام جي  هنن کي ڪابه فڪر ناھي انڪري مغوين جي آزادي لاءِ اپاءَ نه پيا ورتا وڃن، هنن چيف جسٽس پاڪستان کي اپيل ڪئي ته اسان جي احتجاج جو نوٽيس وٺي مغوين کي آزاد ڪرائي وارثن کي انصاف ڏنو وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.