عمر گل جو نسيم شاهه بابت اهم بيان

راولپنڊي ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي فاسٽ بالنگ ڪوچ عمر گل چيو آهي ته آسٽريليا جي پچز ۽ ڪنڊيشنز کي نظر ۾ رکندي پريڪٽس ڪري رهيا آهيون.

راولپنڊي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي عمر گل چيو ته اميد آهي ته آسٽريليا ۾ سٺا نتيجا ڏينداسين، نسيم شاهه جو ري هيب جاري آهي، آسٽريليا جي دوري ۾ سندس کوٽ محسوس ٿيندي.

هن چيو ته ٽيسٽ ڪرڪيٽ ۾ ڊگها اسپيل ڪرڻ معمول جي ڳالهه آهي، جنهن بابت حڪمت عملي تيار ڪئي آهي، بالنگ ۾ سدائين بهتري جي ضرورت هوندي آهي.

هن چيو ته شاهين آفريدي تجريبڪار آهي، ڪئمپ ۾ چئن مختلف پِچز تي پريڪٽس ڪنداسين، آسٽريليا ڪي ڪنڊيشن چئلينجنگ هوندي آهي جنهن لاءِ محنت جي ضرورت هوندي آهي.

عمر گل چيو ته ورلڊ ڪپ ۾ جنهن ڪارڪردگي جي اميد هئي ٽيم ان تي پورو نه لهي سگهي، علائقائي ڪرڪيٽ ۾ پرفارم ڪندڙن کي عزت ڏيڻ گهرجي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.