استاد شاگردن کي سزائون ۽ داٻا نه ڏين

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) اسڪول ۾ عام طور تي استاد ٻارن جي غلطين تي کين مختلف قسمن جون سزائون ڏيندا اهن پر هڪ استاد جي سزا 10 سالن جي ٻارن جي حياتي وڃائي ڇڏي.

اهو افسوسناڪ واقعو ڀارتي رياست اڙيسا جي جاج پور ضلعي جي هڪ سرڪاري اسڪول ۾ پيش آيو جتي مبينا طور تي استاد طرفان مليل سزا تي 10 سالن جو شاگرد موت جي منهن ۾ هليو ويو.

سوريا نارائڻ اپر پرائمري اسڪول ۾ منجهند 3 وڳي ڪجهه ٻار اسڪول وقفو ختم ٿيڻ باوجود احاطي ۾ کيڏي رهيا هئا جنهن تي استاد ڪاوڙ ۾ اچي کين اپ سٽ نالي سزا ڏني.

رپورٽن موجب چوٿين درجي جو 10 سالن جو شاگرد رودرنارائڻ سيٺي ان سزا جو دٻاءُ برداشت نه ڪري سگهيو ۽ بيهوش ٿي ويو، بعد ۾ جڏهن کيس اسپتال نيو ويو ته ڊاڪٽرن کيس مرده قرار ڏنو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.