بين اسٽوڪس جو آءِ پي ايل کيڏڻ کان انڪار

چنائي ( ويب ڊيسڪ ) انگلينڊ جي ٽيسٽ ٽيم جي ڪپتان ۽ اسٽار آل رائونڊر بين اسٽوڪس انڊين پريميئر ليگ ( آءِ پي ايل ) 2024ع تان هٿ کڻي ويو.

آءِ پي ايل فرنچائز چنائي سپر ڪنگز جي نمائندگي ڪندڙ بين اسٽوڪس ايندڙ ايڊيشن ۾ حصو نه وٺندو.

چنائي سپر ڪنگز طرفان سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته بين اسٽوڪس فٽنس ۽ پنهنجي ورڪ لوڊ کي مئنيج ڪرڻ لاءِ آءِ پي ايل 2024ع تان هٿ کڻي ويو آهي.

ياد رهي ته 2023ع واري آءِ پي ايل سيزن دوران بين اسٽوڪس کي چنائي سپر ڪنگز سڀ کان مهانگو 16 ڪروڙ 25 لک ڀارتي رُپين ۾ خريد ڪيو هو پر هو گوڏي جي انجري سبب رڳو ٻه ميچون ئي کيڏي سگهيو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.