ڪراچي واسين لاءِ بُري خبر، بجلي وڌيڪ مهانگي

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) مهانگائي سٽيل ڪراچي واسين لاءِ بجلي وڌيڪ مهانگي ڪئي وئي آهي.
نيپرا ڪي اليڪٽرڪ واهپيدارن لاءِ هڪ رپيو 52 پئسا يونٽ سر چارج لاڳو ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي.
نيپرا پڌرائي موجب، وفاقي حڪومت جي درخواست تي نيپرا واڌو سرچارج لڳائڻ جي منظوري ڏني.
پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته ڪي اليڪٽرڪ واهپيدارن تي واڌو سرچارج ڊسمبر 2023 کان نومبر 2024ع تائين لاڳو رهندو، اضافي سرچارج سبب ڪي اليڪٽرڪ جي واهپيدارن تي 24 ارب 50 ڪروڙ رُپين کان وڌيڪ جو واڌو ٻوجهه پوندو.
پڌرائي موجب، نيپرا منظوري کانپوءِ فيصلو وفاقي سرڪار ڏانهن اُماڻيو ويو آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته وفاقي حڪومت سر چارج لاڳو ڪرڻ جو حتمي نوٽيفڪيشن جاري ڪندي، نوان اگهه ڪي اليڪٽرڪ جي لائيف لائين واهپيدارن تي لاڳو نه هوندا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.