ڪراچي (ويب ڊيسڪ ) نواز شريف جي ٿر جي ڪوئلي بابت بيان تي اڳوڻي وڏي وزير ۽ پ پ اڳواڻ مراد علي شاهه سخت ردعمل جو اظهار ڪيو آهي.
نجي ٽي وي چئنل سان گفتگو ڪندي اڳوڻي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته نواز شريف ٿر جي ڪوئلي بابت جيڪو چيو اِهو حقيقت تي ٻڌل ناهي، ٿر جو ڪوئلو 1991ع ۾ دريافت ٿيو هو.
مراد علي شاهه چيو ته سنڌ ڪول اٿارٽي 1995ع ۾ 10 هزار ميگاواٽ جا پاور پلانٽس ڪي ايم او يو تي صحيحون ڪيون، 1995ع ۾ محترمه بينظير ڀٽو ٿرڪول رٿا جي افتتاح ڪئي، جڏهن ته نواز شريف جي حڪومت ٿر منصوبي تي ڪم بند ڪرائي ڇڏيو هو.
هن چيو ته ٿر ڪول رٿا تي پرڏيهي سيڙپڪار ڪم ڪري رهيا هئا اِهي واپس هليا ويا، 2008ع ۾ جڏهن پ پ جي حڪومت آئي ته ٻيهر پرڏيهي سيڙپڪارن سان رابطو ڪيو، بدقسمتي سان پرڏيهي سيڙپڪارن چيو ته اسان پاڪستان ۾ ڪم نه ڪنداسين.
مراد علي شاهه موجب، ان کانپوءِ سنڌ سرڪار پنهنجي ڪول مائننگ ڪمپني ٺاهي، سنڌ حڪومت جي ڪوششن ۽ چين جي دٻاءُ تي وفاقي حڪومت سنڌ سان رابطو ڪيو، وفاق سنڌ کي 2015ع ۽ 2016ع ۾ گارنٽي ڏني.
مراد علي شاهه چيو ته 2013ع واري چونڊن کانپوءِ بدقستمي سان نواز شريف حڪومت منصوبي تي ڪم سست ڪيو، ٿرڪول ۾ چار پاور پلانٽس لڳي چڪا آهن، ٽن جو افتتاح بلاول ڀٽو زرداري ڪيو، چوٿين پاور پلانٽس جو افتتاح اڳوڻي وزيراعظم شهباز شريف جي دور ۾ ٿيو، 1997ع کان 2008ع تائين ٿر ڪول رٿا تي ڪو به ڪم نه ٿيو هو.
هن وڌيڪ چيو ته ان ليول تي حقيقت تي ٻڌل ڳالهيون ڪرڻ گهرجن نه ته ساک خراب ٿيندي آهي، هن نواز شريف کي مشورو ڏيندي چيو ته جتي ڪريڊٽ هجي وٺو، هتي ڪريڊٽ نه هئڻ برابر آهي.