سياست لاءِ ڪوڙ ناهيان ڳالهائيندو، سنڌ جي ڪوئلي مان بجلي پيداوار اسان شروع ڪئي: نوازشريف

مري ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان مسلم ليگ نون جي قائد ۽ اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف چيو آهي ته سياست لاءِ ڪوڙ ناهيان ڳالهائيندو، سنڌ جي ڪوئلي مان بجلي جي پيداوار اسان شروع ڪئي.

مري ۾۾ ورڪرز ڪنونشن کي خطاب ڪندي اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف چيو ته پارٽي ڪارڪنن سان ملاقات ڪري خوشي ٿي رهي آهي، منهنجو مري جي ڀائرن، دوستن ۽ ڪارڪنن سان مضبوط رشتو آهي، مري منهنجو ٻيو گهر آهي.

هن چيو ته منهنجي خلاف ڪجهه ناهي مليو مون کي نااهل ڪيو ويو، ملڪ جي وزيراعظم کي پٽ کان پگهار نه وٺڻ تي برطرف ڪيو ويو، مون کي ۽ مريم کي جيل ۾ وجهي پي ٽي آءِ چيئرمين کي آڻڻ جو منصوبو ٺاهيو ويو، ملڪ اهڙي طرح ناهن هلندا.

نواز شريف چيو ته پاڪستان سان ڏاڍي زيادتي ڪئي وئي، جنهن جو نقصان قوم کي ڀوڳڻو پئجي رهيو آهي، اسان آءِ ايم ايف کي الوداع چئي ڇڏيو هو، پاڪستان گري مان وائٽ لسٽ تي آندو.

هن چيو ته ڪوڙ ناهيان ڳالهائيندو، انسانن سان غلط ورتاءُ کي الله معاف ناهي ڪندو، پهريون ڀيرو سنڌ ۾ ڪوئلي جا ذخيرا استعمال ۾ آندا، ڪوئلو ملڪي پيداوار آهي، هزارين ميگاواٽ بجلي ٺاهي سگهجي ٿي.

نواز شريف چيو ته عهدي جي لالچ ناهي، پر اِهو سوچڻو پوندو ته اِهي ڪهڙا ماڻهو آهن جن ملڪ خلاف سازش ڪئي؟ .

هن وڌيڪ چيوته خوشحالي جا خواب ڏيکارڻ بدران عملي خدمت تي يقين رکون ٿا، غلطين مان سکي مستقبل سنوارڻو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.