سچن ٽنڊولڪر جي ڌيءُ سارا جون تصويرون ليڪ

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي ڀارتي ڪرڪيٽ ليجنڊ سچن ٽنڊولڪر جي ڌيءَ سارا ٽنڊولڪر ٽوئيٽر تي ايڪس اڪائونٽ نه هجڻ جي ترديد ڪندي چيو آهي ته هوءَ هن سوشل ميڊيا پليٽ فارم تي موجود ناهي.

پنهنجي انسٽاگرام اڪائونٽ تي شيئر ڪيل هڪ ڪهاڻي ۾ هن چيو ته ”مون (سوشل ميڊيا تي) پنهنجون ڪيتريون ئي جعلي تصويرون ڏٺيون آهن جن جو حقيقت سان ڪو به واسطو ناهي.

اڳوڻي ڀارتي ڪرڪيٽر جي ڌيءَ وڌيڪ لکيو ته سوشل ميڊيا اسان سڀني لاءِ اسان جي خوشين، غمن ۽ روزاني سرگرمين کي شيئر ڪرڻ لاءِ هڪ بهترين جاءِ آهي پر اهو ڏسي به افسوس ٿئي ٿو ته ان جو غلط استعمال به ٿئي ٿو.

سارا سوشل ميڊيا تي پنهنجي فالورز کي ٻڌايو ته ايڪس (ٽوئٽر) تي منهنجا ڪجهه جعلي اڪائونٽس ٺاهيا ويا آهن جن جو مقصد ماڻهن کي گمراهه ڪرڻ آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.